SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Islamic Bomb

(click word to listen sound
  • 🔊
  • izlæmik
  • bɔm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Islamic Bomb

اسلامڪ بام

اسلامي بَمُ

هي اصطلاح صيهوني ذهني روش جي ايجاد آهي. جنهن مطابق لبيا، سعودي عرب ۽ پاڪستان گڏجي اهڙو جوهري بم تيار ڪري رهيا آهن، جيڪو اڳتي هلي اسرائيل جي خلاف استعمال ٿيڻو آهي. ان جوهري بم کي ”اسلامي بم“ جو نالو ڏنو ويو. موجوده دور ۾ ”القائده“ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، ٻيهر هن اصطلاح زور ورتو آهي. مغربي ملڪن کي خدشو آهي ته اسلامي ملڪن مان جيڪڏهن نيوڪليائي بم ٺاهڻ جي ترڪيب القائده کي ملي وئي، ته اُها ”اسلامي ائٽمي بم“ ٺاهي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف استعمال ڪندي. پاڪستان جي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ”اسلامي بم“ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ڪافي سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ شخص طور سڃاتو وڃي ٿو


Remember Me Also:

ڪلا

ث. سن. ڪَلاَ = هُنر. فن ، هنر ، ڪاريگري. اٽڪل ، حرفت ، گڻ ، سياڻپ ، ڏاهپ ، هوشياري ، انگ ، طور ، طريقو ، نمونو ، رمز ، ڍَٻُ. ڳائڻ وڄائڻ جا چوهٺ فَن. مڙسي ، وُسعت ، همٿ ، پهلواني ، بهادري ، جرئت ، مردانگي ، توفيق. قدرت. سمجهه ، فهم ، زيرڪي ، اسراري طاقت

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal